نواز شريف جي غلط پاليسين جي ڪري اسٽبلشمنت ۽ حڪومت هڪ پيج تي ناهن: آصف زرداري

ملتان(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته نواز شريف جي غلط پاليسين جي ڪري اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪوتم هڪ پيج تي ناهن. ملتان ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته اسان کي جڏهن پاڪستان مليو ته اهو ٽڪرن ۾ روهايل هو پر اسان ان کي سنڀاليو. هن چيو ته اسان جڏهن اقتدار ۾ آياسين ته پرويز مشرف سندن ڇاتين تي ويٺو هو پر سندن مجال نه هئن ته کين ڪجهه چئي. هن چيو ته پرويز مشرف کي آڻڻ وارو نواز شريف هو ۽ هاڻ سندس ئي غلط پاليسين جي ڪري حڪومت ۽ اسٽيبلشمنٽ هڪ پيج تي ناهن پر ان جي باوجود اهو پڇندو پيو وتي ته مون کي ڇو ڪڍيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته هر شئي جي انتها هوندي آهي ۽ توهان انتها جي عروج تي هئا ۽ فرعونيت کان اڳتي ڪا به جاءِ نه هئي ان ڪري اوهان کي الله ڪڍيو آهي.  ڪا به خوشي ناهي رڳو توهان جا چار پنج دوست خوش آهن، ڪنهن وٽ به سڀاڻي جو ڪو منشور ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *