نواز شريف احتساب عدالت ۾ پيش، فرد جرم لاءِ تاريخ مقرر، سندس اولاد ۽ ناٺي جا وارنٽ جاري

اسلام آباد (اين اين آءِ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي خلاف نيب رفرنسز ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِٰ 2 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪندي ان جي پٽ حسن ، حسين نواز، مريم نواز ۽ رٽائر ڪيپٽن صفدر نواز جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته حسن، حسين ، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر کي 2 آڪٽوبر تي پيش  ٿيڻ جو حڪم ڏيندي 10، 10 لک جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي،  اڱاري تي احتساب عدالت ۾ نوازشريف جي خلاف نيب رفرنس جي ٻڌڻي ٿي ، نوازشريف  سخت سيڪيورٽي ۾ اسلام آباد ۾ پنجاب هائوس کان احتساب عدالت ۾ پهتو جتي کيس حاضري لڳائن  کانپوءِ واپس وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. احتساب عدالت ۾ رفرنس 18، 19 ۽ 20 جون ڪاپيون نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث کي فراهم ڪيون ويون. ان کانپوءَ احتساب عدالت ۾ ڪاروائي دوران وڪيل خواجا حارث اپيل ڪئي ته نوازشريف کي عدالت ۾ پيشيءَ کان رعائت ڏني وڃي، ڇو ته هو اڳوڻون وزيراعظم رهي چڪو آهي ۽ کيس سيڪيورٽي خدشا آهن ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هيو ته نيب رفرنس جي حوالي سان پاڪستان ۾ موجود واحد جوابدار نوازشريف آهي انڪري کيس ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وڃي ۽ نه ئي کيس پيشي کان رعائت ملڻ گھرجي. نيب جي پراسيڪيوٽرن نيب جي قانون جو حوالو ڏيندي چيو ته  بيمار ڪلثوم نواز جي سار سنڀال جي لاءِ نواز شريف جا سمورا  ٻار لنڊن ۾ موجود آهن انڪري کيس وڃڻ جي اجازت ناهي ۽ رفرنسز جو ڪيس رڪڻ نه گھرجي. نوازشريف جي حاضريءَ تان رعائت جي درخواست تي عدالت چيو ته ان تي فيصلو فرد جرم لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ڪيو ويندو، نيب جي پراسيڪيوٽر سردار مظفر عباس عدالت ۾ شڪايت ڪئي ته اسلام آباد پوليس اسانکي نيب عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان  هر جڳهه تي روڪيو. رائيونڊ تي سيڪيورٽي اهلڪار حسن، حسين نواز جي ثمن کان وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نيب عدالت جي جج محمد بشير  نيب جي پراسيڪيوٽر کي لکت ۾  درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي، نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته پاڪستاني سفارتخاني جي سيڪنڊ سيڪريٽري حسن  نواز کي ثمن وصول  ڪرائي حسن نواز شريف فيملي بالغ ميمبر آهي. سيڪيورٽي اهلڪار چيو ته حسن ، حسين ۾ پرڏيهه ڍ۾ رهن ٿا ثمن اوڏانهن موڪلي ته حسين نواز ثمن وصول ڪرڻ کانپوءِ عدالت ۾ پيش نه ٿيو اها عدالت جي توهين آهي ، احتساب عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 2 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *