نشانو اسان پر سزا سڄي قوم ۽ ايندڙ نسلن کي ملي رهي آهي: نواز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته مان اڳ به سنگين حالتن کي منهن ڏنو آهي ۽ اڄ به ڏئي رهيو آهيان، ڪڏهن آمريت اڳيان جهڪيا ناهيون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو ته اڄ عدالت ۾ جيڪو واقعو پيش آيو، ان تي ڏُک پهتو آهي، عدالتن مان فرار ٿيڻ اسان جو طريقو ناهي، مان سدائين عدليا جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهيس. سندس چوڻ هو ته ملڪي تاريخ ۾ پاناما پهريون ڪيس آهي، جنهن جي بچاءَ ۾ سڀ آئيني ۽ قانوني حق صلب ڪيا ويا. کليل اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته انصاف ۽ قانون جا تقاضا خراب طريقي سان پامال ٿي رهيا آهن پر اسان ڪارروائي ۾ شامل رهياسين، جڏهن فيصلو آيو ته هڪ پائي جي ڪرپشن، بدعنواني يا اختيارن جي غلط استعمال جو ڪو نڪتو سامهون نه آيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جي آءِ ٽي اڳيان ڪيترائي ڀيرا پيش ٿياسين، جن کي واٽس ايپ ڪالز ذريعي چونڊيو ويو، جي آءِ ٽي ۾ اهي هيرا به هئا، جن خلاف جاچ هلي رهي آهي ۽ سپريم ڪورٽ به انهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهي. نواز شريف وڌيڪ چيو ته هاڻ به اميد آهي ته ڪٿي نه ڪٿي انصاف ضرور آهي، ظاهري طور نشانو مان ۽ منهنجو خاندان آهي پر سزا سڄي قوم ۽ انهن جي ايندڙ نسلن کي ملي رهي آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *