نوازشريف کي ڀت سان لڳائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو ويو، هاڻي ڪجهه ماڻهن کي نوازڻ لاءِ قانونسازيون پيون ٿين:  مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نوازشريف کي ديوار سان لڳائڻ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ڪيو ويو پر هاڻي ڪجهه ماڻهن کي نوازڻ لاءِ قانونسازيون ٿي رهيون آهن ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قانون ڪنهن هڪ فرد لاءِ ناهي ٺاهيو ويندو جڏهن ته صدارتي آرڊيننس آڻي پنهنجي سهولت لاءِ حڪومت قانونسازي ڪري رهي آهي. هي قانونسازي هڪ سٺو مثال نه آهي هن چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ اهڙيون قانونسازيون ٿين ٿيون جنهن سبب پرڏيهي دنيا ۾ اسان جي عدالتن جا فيصلا مثال طور به پيش نٿا ڪري سگهجن هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت کي واڌ پي ڊي ايم سبب نه پر ڪنهن ٻئي سبب ملي آهي هي حڪومت ناجائز سان گڏ نااهل ۽ نالائق آهي جيڪا ڪجهه ڊليور نه ڪري سگهي هن چيو ته تحريڪ انصاف جي نااهلي پاڪستان جي تاريخ جو حصوبڻجي چڪي اهي اسان رستن تي اچي ان کي ظاهر نه ڪريون ها ته هي ڪڏهن به تاريخ جو حصو نه بڻجي ها ڌانڌلي تي آيل حڪومت جيڪڏهن اسان کي چونڊ سڌارا ڏي ته اها قيامت جي نشاني آهي تعجب آهي جو پي ٽي آئي حڪومت کي جرئت ٿي رهي آهي ته اها ملڪ کي شفاف چونڊن جو قانون ڏي هن چيو ته اسان جي سياسي تاريخ ۾ ڪيترائي آڪٽوبر ۽ ڪيترائي جولاءِ آيا ان حوالي سان اسان جي قوم سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿي هن چيو ته 12 آڪٽوبر ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني ۽ چونڊيل حڪومت کي تسليم نه ڪرڻ ڪيئن ملڪ سان وفاداري آهي، بلوچستان ۾ حڪومت جي پنهنجي ماڻهن جي بغاوت صورتحال اينگهائي ڇڏي آهي، ظاهر آهي ته اپوزيشن ان مان فائدو وٺندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *