اداڪارا ريکا کي گاريون ڏيڻ ۽ جوتي سان حملي جو انڪشاف

ممبئي (شوبز نيوز)جڳ مشهور اداڪارا ريکا جي حوالي سان اهي افواهه گردش ڪندا هئا ته ان اداڪار ونود مهرا سان شادي ڪئي آهي.ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا تي هڪ ٻيو واقعو گردش ڪري رهيو آهي جيڪو سندس حياتي بابت لکيل ڪتاب ”انٽولڊ اسٽوري“ مان ورتو ويو آهي.ريکا جا ونود جي حوالي سان افواهه هئا ته هن 1980 ۾ شادي ڪري ڇڏي ۽ جڏهن ونود اداڪارا ريکا کي پنهنجي ماءُ سان ملائڻ لاءِ وٺي ويو ته کيس ريکا پسند نه آئي ۽ انکي نُنهن قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ڀارتي صحافي ياسر طرفان لکيل ريکا جي زندگي بابت ڪتاب ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي جڏهن ونود ريکا کي پنهنجي ماءُ سان ملائڻ لاءِ گهر وٺي ويو ته سندس ماءُ آپي مان نڪري وئي ۽ هن ريکا کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون.اهو به لکيو ويو آهي ته ونود مهرا جي ماءُ ايتري قدر ڪاوڙ ۾ هئي جو هن ريکا کي مارڻ جي لاءِ پنهنجي چپل به لاهي ورتي پر ونود مهرا کيس اهڙو قدم کڻڻ کان روڪي ورتو.ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته ريکا ونود جي ماءُ جو اهڙو رويو ڏسي وائڙي ٿي وئي هئي ۽ فوري طور تي هن اداڪار کان علحدگي اختيار ڪري ورتي.جنهن کانپوءِ ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن اعتراف به ڪيو هو ته ونود مهرا جي ماءُ مونکي صفا پسند نه ڪندي هئي، هوءَ سمجهندي هئي ته مان ان وقت جي بدنام اداڪارا آهيان ۽ منهنجو ماضي تمام گهڻو خراب آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *