نوازشريف ٻڌائي نئين خيبرپختونخوا ۾ سندس ڪيترو حصو آهي: عمران خان

پشاور(م.ڊ) ڳڙهي چندر ۾ سونامي بلين ٽري براجيڪٽ جي چڪاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته سونامي بلين ٽري پاڪستان جي مستقبل لاءِ گهڻي اهم رٿا آهي. تاريخ ۾ اهڙي ڪوشش پهرين ڪڏهن ناهي ڪئي وئي. پنجن سالن ۾ هڪ ارب وڻ لڳائڻ جي رٿا پوري ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته انهن وڻن کي لڳائڻ سان جهانگا مانگا کان ڏهه سيڪڙوٻيڻو وڏو جهنگ اڀرندو ۽ 2017ع تائين پنهنجو اهو ٽارگيٽ پورو ڪندو. سندس چوڻ هو ته ن ليگ ۽ پي ٽي آئي ۾ اهو ئي فرق آهي  ته هو پراجيڪٽ ٺاهي رهي آهي ۽ اسان ادارا ٺاهي رهيا آهيون. ن ليگ سريا ۽ سيمنٽ تي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ۽ اسان هارين تي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون. عمران خان جو چوڻ هو ته لڳي ٿو ته اياز صادق جي وڪيٽ ٽيون ڀيرو به ڪرڻ واري آهي. شفاف چونڊون نه ٿين ته ماڻهن جا حق غضب ٿيندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *