منهنجي زبان کلي ته نثار کهڙو منهن ڏيکارڻ جي لائق به نه رهندو: ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا نثار کهڙو کي وارننگ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بيان بازي بند نه ڪئي ته هني جو پول کلي ويندو ذوالفقار مرزا چيو ته جيڪڏهن منهنجي زبان کلي ته پوءِ نثار کهڙو ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي لائق نه رهندو هو نوڪري پڪي ڪرائڻ لاءِ منهنجي خلاف ڳالهائي رهيو آهي هن چيو ته نثار کهڙو فريال ٽالپر لاءِ جيڪي لفظ ڳالهايا جيڪڏهن وڊيو منظر تي آئي ته ڪٿان جو نه رهندو هن سخت لفظن ۾ وارننگ ڏيندي چيو ته ان جي خلاف ڳالهائڻ بند ڪيو وڇي جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته هو پنهنجي زبان کوليندو ۽ نثار کهڙو وضاحتون پيش ڪري ٿڪجي پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *