ننگر پارڪر ڀرسان غربت کان تنگ اچي زال مڙس ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

اسلام ڪوٽ(رپورٽ سجاول بجير)ننگر پارڪر ڀرسان غربت کان تنگ اچي زال مڙس ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو نننگرپارڪر لڳ ڳوٺ ڏونگرو جو وانڊيو ۾ غربت کان تنگ اچي زال ۽ مڙس ڦاھو کائي زندگين جو انت آڻي ڇڏيو،22 ورهين جي پاربتي ڪولهي ۽ سندس مڙس ڀاڳچند ڪولهي گھر ڀرسان ڄار جي وڻ ۾ ڦاھو کائي زندگي جو انت آندو، پوليس زال مڙس جا لاش تعلقي اسپتال آندا، ٻنهي جا مڙهه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي زال مڙس غربت کان تنگ اچي ڦاھو کائي پنھنجي زندگي جو انت آندو آھي، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ڀاڳچند ڪولهي پهرين زال کي ڦاهو ڏئي پوءِ پاڻ آپگهات ڪيو، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *