ماضي ۾ گهريلو تشدد کي منهن ڏنو: آمريڪي اداڪارا جو انڪشاف

 

ڪراچي (شوبز نيوز) آمريڪي اداڪارا ميليسا بينوئسٽ سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪري سڄي شوبز انڊسٽري کي حيران ڪري ڇڏيو. اداڪارا انسٽاگرام اڪائونٽ تي 14 منٽن جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن انڪشاف ڪيو ته سندس اڳوڻي بواءِ فرينڊ کيس تشدد جو نشانو بڻايو جڏهن ته هن سندس نالو ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو. 31 سالن جي اداڪارا پنهنجي وڊيو ۾ هڪ خط پڙهي ٻڌايو جيڪو هن پاڻ لکيو هو. سندس چوڻ هو ته مونکي گهريلو تشدد جو نشانو بڻايو ۽ هاڻي مونکي سمجهه ۾ آيو ته ڪيئن محسوس ٿيندو آهي جڏهن ڪير وري وري اوهان کي چماٽ هڻي، مڪون هڻي، وارن کان گهلي ۽ گهٽو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري. هن وڌيڪ چيو ته مان پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندي هيس پر جڏهن اندازو ٿيو ته در ٽٽي ويندو ته مان ائين ڪرڻ به ڇڏي ڏنو. اداڪارا وڌيڪ چيو ته اهو سڀ برداشت ڪرڻ کانپوءِ به مان ڊڄڻ بدران پاڻ سان محبت ڪرڻ سکيو مان اهو سمجهي سگهيس ته جتي محبت هوندي آهي اتي تشدد ناهي هوندو، محبت ۾ حفاظت ڪئي ويندي آهي. اداڪارا اهو به ٻڌايو ته سندس اڳوڻو بواءِ فرينڊ عمر ۾ کانئس ننڍو آهي. هن هڪ پوسٽبه شيئر ڪئي جنهن ۾ هن واقعي لکيو ته واقعو ٻڌائڻ سولو نه هو گڏوگڏ هن گهريلو تشدد جو شڪار عورتن جي مدد لاءِ هڪ نمبر به شيئر ڪيو .واضح رهي ته ميليسا 31 سالن جي آمريڪي اداڪار ڪرس وڊ سان هلندڙ سال شادي ڪئي. ان کان اڳ 2015ع ۾ اداڪارا بليڪ جينر سان شادي ڪئي هئي جڏهن ته ٻن سالن کانپوءِ ٻئي ڌار ٿي ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *