ننديتا داس جو سعادت حسين منٽو تي فلم ٺاهڻ جو اعلان، اهم حصو لاهور ۾ شوٽ نه ڪيو ويو ته اها منٽو سان ناانصافي هوندي: ننديتا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ۽ هدايتڪاره ننديتا داس ننڍي کنڊ جي مشهور ليکڪ سعادت حسن منٽو تي فلم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، ننديتا داس موجب منٽو تي فلم ٺاهيندي فلم جو هڪ اهم حصو لاهور ۾ شوٽ نه ڪيو ويو ته اها منٽو سان ناانصافي هوندي،ننديتا منٽو جي ڪردار لاءِ اداڪار نواز الدين صديقي کي ڪاسٽ ڪيو آهي، هن ٻڌايو ته فلم ۾ منٽو جي زندگي جو اهو دور ڏيکاريو ويندو جڏهن هو ورهاڱي کان پوءِ ممبئي کانلاهور منتقل ٿيو، هن چيو ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سبب لاهور ۾ شوٽنگ ممڪن نه ٿي ته هو مجبوري ۾ نئين دهلي جي چونڊ ڪندي، جنهن جون پراڻيون گهٽيون ۽ بازارون لاهور جي گهٽين ۽ بازارن جهڙيون آهن، هن ٻڌايو ته فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال ڊسمبر جي ٽئين هفتي ۾ شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *