اظهر علي شروعاتي 50 ٽيسٽ ميچن ۾ وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙ پاڪستان جو ٽيون بيٽسمين بڻجي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين اظهر علي ويسٽ انڊيز خلاف تاريخي ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار سينچري ٺاهي پاڪستان طرفان وڌيڪ سينچرين جو سعيد انور ۽ آصف اقبال جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه اظهر علي 50 ٽيسٽ ميچن ۾ 11 سينچريون ٺاهيندڙ گڏيل طور تي ٽيون پاڪستان بيٽسمين بڻجي ويو آهي. حنيف محمد ۽ يونس خان شروعاتي 50 ٽيسٽ ميچن ۾ 12-12 جڏهن ته محمد يوسف 11 سينچريون ٺاهيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *