نثار کهڙو سنڌ ۾ بند اسڪول کولرائڻ لاءِ اسيمبلي ميمبر کان مدد گهري ورتي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم جي سينيئر وزير نثاراحمد کهڙو چيو آهي ته صوبي ۾ بند اسڪول کولڻ لاءِ اسيمبلي ميمبر تعاون ڪن سوشل ميڊيا تعليم کاتي جي گهڻي مدد ڪري رهيو آهي جيڪا ڳالهه واکاڻ جوڳي آهي هو جمعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر عائشه خاتون جي توجهه ڏياريو نوٽيس تي بيان ڏيئي رهيو هو هن چيو ته جهڏو ۾ 100 نه پر 58 اسڪول بند آهن جن جي ڪري هزارين نه پر سوين ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي حڪومت بند اسڪول کولڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي مسلم ليگ فنڪشنل جي پارليماني ليڊر نندڪمار جي توجهه ڏياريو نوٽيس تي ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو ته عمرڪوٽ ۾ ٻن ڀائرن هيرالال ۽ اشوڪ جي قتل جو هڪ جوابدار مارجي چڪو آهي ۽ ٻين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن متاثر خاندان جي ماڻهن سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي هئي ان جي چوڻ ثناءُ الله عباسي جي جڳهه خالد شيخ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *