ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجپ ڪيس: عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهر القادري اشتهاري قرار

راولپنڊي (بيورو) راولپنڊيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجي تي تشدد واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جسٽس ڪوثر عباس زيدي، ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد عصمت الله جوڻيجي کي ڌرڻي دوران زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس ۾ نامزد عمران خان ۽ طاهر القادريءَ جي غير حاضري تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ کين اشتهاري قرار ڏيندي ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم به ڏنو. واضح رهي ته ساڳي ئي عدالت موٽر وي هنگامي واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري کي اڳ ئي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *