ناليوارن صحافين پاڪستان کي صحافت لاءِ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو، تحفظ جي گھر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر/اين اين آءِ) ناليوارن صحافين پاڪستان کي صحافت لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته قلم ڌڻين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي جيڪا صحافت مظلوم ۽ پيڙهيل طبقي جي لاءِ ناهي اها صحافت ڪنهن به ڪم جي ناهي، سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل ۽ ملير پريس ڪلب پاران ڪراچي ۾ ڪوٺايل صحافي ڪنوينشن ۾ اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني، سينئر صحافي ڊاڪٽر جبار خٽڪ، سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي سرواڻ غازي جهنڊير، اسلام آباد سان تعلق رکندڙ ناليواري صحافي اعزاز سيد، اينڪر پرسن مسعود رضا، اينڪر پرسن صحافڻ علوينا آغا ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پنجاب ۽ ٻين صوبن کان وڌيڪ سنڌ جي صحافين ۾ سياسي شعور آهي پر بدقسمتي سان صحافين کي تحفظ فراهم نه پيو ڪيو وڃي انهن جي مالي سهائتا توڙي فني تربيت تي حڪومتن کي ڌيان ڏيڻ گهرجي، صوبائي وزير سعيد غني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ صوبو واحد صوبو آهي جتي صحافين جي تحفظ لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي، پاڪستان جو ڳاڻيٽو صحافين لاءِخطرناڪ ملڪ طور ٿئي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته نيازي سرڪار صحافين کي بيروزگار ڪيو سنڌ حڪومت ننڍن پريس ڪلبن کي فنڊز فراهم ڪندي، سينئر صحافي ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته سنڌ جو صحافي بنيادي طور تي سياسي ورڪر هو جيڪو بنا معاوضي صحافت ۾ پيڙهيل طبقي جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ آيو، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن صحافي مظلوم جو آواز نه بڻجي سگهي ته اها صحافت ڪم جي ناهي، سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي سرواڻ غازي جهنڊير ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ۾ صحافين جي حقن لاءِ جاکوڙي رهي آهي ۽ اسان نه رڳو سنڌ پر پوري پاڪستان جي صحافين جي لاءِ قانونوسازي ڪرائڻ سميت هر مرحلي تي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي، صدر غازي جهنڊير ڪنوينشن ۾ ٺهراءُ پيش ڪندي چيوته سنڌ جي صحافين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ صحافين تي تشدد توڙي حملن ۾ ملوث جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا وڃن، سندس چوڻ هوته سنڌ جي ضلعي توڙي تعلقي پريس ڪلبن کي سرڪاري گرانٽ ڏيڻ سان گڏوگڏ بي گهر صحافين کي اجها فراهم ڪرڻ لاءِ صحافي ڪالونيون قائم ڪيون وڃن، اسلام آباد مان آيل سينئر صحافي اعزاز سيد جو چوڻ هو ته پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ جو صحافي وڌيڪ باشعور آهي، سندس چوڻ هو ته سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل نه رڳو سنڌ پر پوري ملڪ جي صحافين کي تحفظ ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهي آهي، هن چيو ته اڄ جي دور ۾ سچ ڏيکارڻ سولو پر سچ ڳالهائڻ ڏکيو آهي ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي اڳواڻ فهيم صديقي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته صحافين جو اصل مسئلو گرانٽ يا پلاٽ وٺڻ نه پر اظہار جي آزادي آهي سندس چوڻ هوته ايوبي آمريت کان مشرف تائين صحافين ڦٽڪا کاڌا آهن.سينئرصحافي اينڪر پرسن فياض نائچ خطاب ڪندي چيو ته هن دور ۾ گرانٽ کان وڌيڪ صحافين کي تحفظ جي ضرورت آهي، سندس چوڻ هو ته سچ لکڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگهي پوءِ چونه ڀلي عزيز ميمڻ يا اجئه لالواڻي ٿيڻو پوي،سينئر صحافي قاضي آصف، فاروق سومرو، مهيش ڪمار، سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي سينئر نائب صدر منور عالم، ڪامران رضي   نياز کوکر،اينڪر پرسن جنيد انصاري  ،قاضي ذوالفقار،اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔ڪنوينشن ۾ سينئر صحافي رفيق ڀٽو، وڏي وزير جي خاص مددگار سلمان عبدالله مراد  نجيب نائچ  شبير لاشاري ،عبدالله سولنگي سميت  سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوين قلم ڌڻين شرڪت ڪئي.سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي آزادي لاءِ پريس جي آزادي ضروري آهي. بدقسمتيءَ سان  هن پاڪستان انهن چند خطرناڪ ملڪن مان هڪ آهي. جتي صحافين کي نه رڳو تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي پر انهن کي ڏينهن ڏٺي کين اغوا ڪيو پيو وڃي ۽ موجوده عمراني جمهوري حڪومت ۾ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ صحافين جو قتل عام ڪيو ويو آهي. هن صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ صحافتي تنظيمن، سياسي جماعتن ۽ عدليه کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.موجوده دور حڪومت ۾ بيشمار صحافين کي صرف سچ ڳالهائڻ يا موقف تبديل ڪرڻ تي کين نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو آهي.سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت پهرين حڪومت آهي جنهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ صحافين جي تحفظ جو بل اسيمبلي مان پاس ڪرايو آهي ۽ ان حوالي سان جلد ڪميشن قائم ڪري ان جا ٽي او آرز جوڙيا ويندا. ۽ ان قاونون تي عمل ڪرايو ويندو. مان سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل ۽ ملير پريس ڪلب جو شڪر گذار آهيان جن مون کي هن ڪنوينشن ۾ دعوت ڏني. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملير پريس ڪلب ۾ سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل پاران منعقد ڪيل صحافي ڪنوينبش سان خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو.ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جو خاص مددگار سلمان مراد، ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ چانڊيو، جنرل سيڪريٽري حنيف سومرو، سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل جي صدر غازي جھنڊير، فهيم صديقي، قاضي آصف، نواز چانڊيو سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي مهمان خاص سنڌ جي اطلاعات ۽ محنت واري صوبائي وزير سعيد غني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مان سمجهان ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي تاريخ تي روشني وڌي وڃين ته هن هميشه صحافين جي ڀلائي لاءِ قدم کنيا آهن ۽ جيڪي به مسئلا کين پيش آيا آهن انهن جي حل جي لاءِ ڪنهن به حڪومت يا سياسي پارٽي اهڙو ڪردار ادا نه ڪيو آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي صحافت جي آزادي جي عظيم علمبردار هئي، آهي ۽ رهندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه صحافين ۽ صحافتي تنظيمن جي پيش ڪيل مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو آهي ۽ انشاءَ الله اڄ به جيڪي مسئلا اٿاريا ويا آهن اهي جاري رهندا. جنهن ۾ پريس ڪلبن جي گرانٽ، صحافين جي مالي مدد، پلاٽ ۽ ٻيا مسئلا به صحافي برادري ۽ سندن تنظيمن جي مشاورت سان حل ڪيا ويندا.هن چيو ته ماضي ۾ صرف هڪ يا ٻه پريس ڪلبن کي سنڌ حڪومت گرانٽ ڏني هئي. پر اڄ اها گرانٽ سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن ضلعن ۾ پريس ڪلبن کي ڏني پئي وڃي. جڏهن ته صحافين جي مالي سهائتا، سندن ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ يا ٻين لاءِ صحافتي تنظيمن جون ڪميٽيون به قائم ڪيون ويون آهن. جيڪي پنهنجين سفارشن کي کاتن کي ڏينديون آهن ۽ اسان ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ جي اسان منظور ڪندا آهيون. سعيد غني چيو ته ڪنهن به حڪومت لاءِ اهو ممڪن ناهي ته هڪ ئي شهر ۾ ڪيترن ئي پريس ڪلبن کي گرانٽ فراهم ڪري، ان ڪري هن سينيئر صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ته هو ان سلسلي ۾ اسان جي مدد ڪن ۽ حقيقي صحافين جي پريس ڪلبن ۽ انهن جي مسئلن جي حوالي سان اسان جو ساٿ ڏين. هن چيو ته اسان ان ڳالھ جا حامي آهيون ته صحافين کي رهڻ لاءِ پلاٽ ملڻ گھرجن. هن چيو ته جڏهن ججن، بيوروڪريٽس، سپاهين ۽ وڪيلن کي پلاٽ ملي سگهن ٿا ته پوءِ صحافين کي به پلاٽ ملڻ گهرجن ۽ يقيناً سياستدانن کي پلاٽ نه ملڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان ۾ صحافين ۽ صحافت جي موجوده صورتحال آمريتي دور ۾ به نه ڏٺي وئي آهي.هن چيو ته مان به آمر ضياءَ جو دور به ڏٺو آهي، جڏهن اخبارون سينسر ٿينديون هيون ۽ صبح جو اخبارون اينديون هيون ته ان ۾ ڪيتريون ئي جايون خالي هونديون هيون. هن چيو ته مون مشرف جي آمريت کي به ڏٺو جڏهن ميڊيا تي پابندي هئي. پر اهي ٻئي دور موجوده نالائق ۽ نااهل عمراني جمهوري حڪومت کان وڌيڪ خراب نه هئا. هن چيو ته هن عمراني جمهوري حڪومت ۾ صحافين ۽ ميڊيا سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو اسان ضياءَ ۽ مشرف جي دور ۾ به نه ڏٺو هو. هن چيو ته بيشمار صحافين کي سچ نه ڳالهائڻ تي برطرف ڪيو ويو آهي ۽ اڄ انهن مان اڪثريت پنهنجي يوٽيوب چينل ۽ فيس بڪ پيجز ذريعي عوام کي سچ ٻڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري سندن روزي روٽي کسي وئي آهي. اهڙن صحافين کي مان سلام پيش ڪريان ٿو.سعيد غني وڌيڪ چيو ته موجوده نااهل نيازي حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ صحافين جو قتل عام ڪيو ويو آهي. هن چيو ته شايد اهڙا واقعا صحافتي بنيادن تي نه ٿيا آهن پر اڪثر واقعن ۾ انهن صحافين کي قتل ڪيو ويو آهي. جن پنهنجي علائقن جي مسئلن ۽ نظام خلاف آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته ان دور ۾ ڪيترن ئي صحافين کي ڏينهن جي روشني ۾ اغوا ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ صحافين کي تشدد ڪري گم ڪيو ويو. هن چيو ته اڄ پاڪستان چند خطرناڪ ملڪن مان هڪ آهي.جتي صحافين کي ڪوبه تحفظ ۽ اظهار جي آزادي ناهي.سعيد غني چيو ته جنهن سماج ۾ اظهار جي آزادي ناهي. سوچ ۽ اختلاف جي آزادي کان سواءِ سماج ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته اڄ هن ملڪ جا صحافي چڱي ريت واقف آهن ته انهن جي خبرن کي ڪيتري جاءِ ملي ٿي ۽ خبرن کي هلائڻ جي ڪيتري حد تائين آزاد آهي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ صحافت آزاد ناهي ته ان ملڪ ۾ سياست به آزاد نه ٿي سگهي.سياست جي آزادي لاءِ پريس جي آزادي ضروري آهي. هن چيو ته بدقمستي سان هن وقت هن ملڪ ۾ سياست کي دٻائڻ جي لاءِ صحافت کي به دٻايو پيو وڃي ۽ عدليه کي به دٻايو پيو وڃي. هن چيو ته هاڻ اسان سڀني کي گڏجي اهڙي طاقتن سان وڙهڻو پوندو. هن چيو ته هاڻ سچ ڳالهائيندڙ ججز، صحافي ۽ سياستدانن کي گڏجي بيهڻو پوندو ۽ هڪ گڏيل جدوجهد ڪرڻي پوندي هن چيو ته جيڪڏهن سڀني گڏجي اها جدوجهد نه ڪئي ته ۽ سڀني گڏجي ان طاقتن جو مقابلو نه ڪيو ته اسان جي آوازن کي دٻايو ويندو ۽ ان جي نتيجي ۾ هي ملڪ ڪڏهن به ترقي نه ڪري سگھندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *