حڪومت کان جند ڇڏائڻ لاءِ سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو: پ پ پنجاب

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف چيو اهي ته لانگ مارچ سان گڏ عدم اعتماد جو آپشن موجود آهي لانگ مارچ پارليامينٽ کان ٻاهر ۽ عدم اعتماد اندر جو آپشن آهي پاڪستاني عوام جي ترجماني ڪرڻ پيپلزپارٽي جو منشور آهي 27 فيبروري جي لانگ مارچ ۾ جيتري خدا جي مخلوق ايندي پهريان ڪڏهن به اوهان نه ڏٺي هوندي عوام حڪومت کان مايوس آهي غريب کان پوءِ مڊل ڪلاس ۽ سفيد پوش طبقو به ختم ٿيندو پيو وڃي هو گذريل ڏينهن ماڊل ٽائون سيڪريٽريٽ ۾ پنجاب ايگزيڪيوٽو جي اجالاس کان پوءِ جنرل سيڪريٽري حسن مرتضيٰ، رانا فاروق سعيد ۽ ثمينه گهرڪي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. راجا پرويز اشرف چيو ته معيشٽ هڏڪين ۾ آهي جيڪڏهن سڀ سٺو آهي ته خدا جي مخلوق ڇو رڙيون ڪري رهي آهي. مهانگي ڊيزل سبب هاري ٽيوب ويل ۽ ٽريڪٽر نٿو هلائي سگهي لکين ماڻهن جون نوڪريون ختم ٿي چڪيون اهن جن کي پيپلزپارٽي روزگار ڏنو انهن کي به ڪڍي ڇڏيو اهڙين حالتن ۾ پيپلزپارٽي قيادت هڪ ڪنڊ ۾ ويهي تماشو نٿي ڏسي سگهي هن چيو ته اسان جو جيئڻ مرڻ عوام سان آهي 27 فيبروري تي نڪرنداسين مهانگائي، بيروزگاري، هاري، مزدور لاءِ نڪرنداسين، هر پيڙهيل طبقي لاءِ نڪرنداسين. ڀاڻ جي مند گذري وئي پر هاري کي ڀاڻ نه مليو حڪومتي نمائندا نڪ جي پڪائي سان سڀ سٺو چون ٿا پيٽرول جي قيمت آسمان تي پهچي چڪي آهي گئس بجلي جي قيمت وڌي چڪي اوهان ماڻهن کي سول نافرماني تي ڀڙڪايو هن چيو ته وزيراعطم ٽي وي تي ويهي چوي ٿو ته سڄي دنيا ۾ مهانگائي آهي اوهان رپئي ۽ گرين پاسپورٽ کي بي قدر ڪري ڇڏيو اڄ پاڪستان جا دوست پري ٿي رهيا آهن. پرڏيهي پاليسي رڳو ڪوڙن نعرن کان سواءِ ڪجهه نه آهي اڄ پاڪستان هر لحاظ کان چئلينجز ۾ ڦاٿل آهي اوهان جي جماعت جو نالو تحريڪ انصاف آهي پر عوام کي انصاف نٿو ملي. سينٽرل پنجاب جي صدر جو چوڻ هو ته چيچا وطني ۾ مارچ جو شاندار مثال ۽ تاريخي استقبال ڪنداسين جي ٽي روڊ کان اسلام آباد پهچنداسين تاريخ جو وڏو ايڪشن ٿيڻ وڃي رهيو آهي. هي وقت گهر ۾ ويهڻ جو نه آهي ٻاهر نڪرڻ جو آهي تاريخ ۾ 27 فيبروري جو ڏينهن زنده رهندو. سڀاڻي لاهور رورل، ٻئي ڏينهن گجرانوالا انک ان پو3 راولپنڊي ۽ سرگوڌا وڃي رهيا آهيون 27 فيبوري جو لانگ مارچ ملڪي تاريخ جو سنگ ميل ثابت ٿيندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *