نارووال ۾ خوفناڪ روڊ حادثو، 5 ڄڻا اجل جو شڪار

نارووال (اين اين آءِ) ظفروال روڊ تي مسافر وين ۽ ڪوسٽر وچ ۾ ٽڪر سبب مسافر وين ۾ رکيل سي اين جي سلينڊر ڦاٽڻ سان پنج ڄڻا سڙي فوت ۽ 15 زخمي ٿي پيا آهن ٻڌايو ويو ته صبح سوير نارووال ظفر وال روڊ تي مسافر وين تيز رفتاري سبب سامهون ايندڙ ڪوسٽر سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب  سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ۽ وين کي باهه وڪوڙي وئي جنهن ۾ هڪ عورت ۽ ٻار سميت پنج مسافر سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته 15 مسافر زخمي ٿي پيا آهن. فوتين ۾ مقصود احمد، مشتاق احمد، صغير احمد، ريحانه ڪوثر، مقصود بي بي شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ بلال، ڪلثوم، امانت علي ريحانه ڪوثر، شفاقت علي، نازلي، صفيحه ،مقبول بيبي، زاهده بيبي، جنيد، عطيه، شميم شاهد، ۽ شير علي شامل آهن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ضلعي اسپتال آندو ويو جتي سندن علاج جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *