سنڌ جي حڪمرانن جو ڪرپشن لڪائڻ لاءِ سنڌ ڪارڊ هاڻ نه هلندو: جي ڊي اي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس وفاقي سرڪار کان وسيلن ۽ روزگار ۾ سنڌ جي عوام سان انصاف جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي حڪمرانن جو ڪرپشن لڪائڻ لاءِ سنڌ ڪارڊ هاڻ نه هلندو، وفاقي ۽ صوبائي بجيٽس ۾ عوام لاءِ ڪجهه به ناهي رکيو ويو. جاري ٿيل بيان موجب پير پاڳاري جي سربراهيءَ ۾ جي ڊي اي جي اجلاس دوران موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس دوران جي ڊي اي سي سربراهه پير پاڳاري چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ زرعي تباهي جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي، هڪ پاسي ٿر ۽ بدين ۾ ٻارڙا اجل جو شڪار ٿين ٿا ته ٻئي پاسي وزير اجلاسن ۾رڌل آهن. حڪمرانن توڙي آفيسرز کي ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو. صدر الدين شاهه راشدي جو چوڻ هو ته سنڌ جي وسيلن کي بيدرديءَ سان لُٽيو پيو وڃي. بيان موجب اجلاس ۾ ڳالهائيندي اياز لطيف پليجو چيو ته هاري کي پاڻي ۽ ماني ڳڀو نه ڏيندڙ به پاڻ کي جمهوريت جا چئمپين پيا سڏائين، هاڻ ڪرپشن جي دفاع لاءِ سنڌ ڪارڊ نه هلندو. وفاق پاڻي، روزگار ۽ وسيلن جي معاملن ۾ سنڌ سان انصاف ڪري، وفاقي ۽ صوبائي بجيٽس ۾ عوامي مفادن لاءِ ڪجهه به ناهي. اجلاس دوران ڳالهائيندي ذوالفقار مرزا ۽ ٻين چيو ته سنڌ جا ماڻهو غربت ۽ لاقانونيت ۾ وڪوڙيل آهن. اجلاس ۾ عرفان الله مروت، ارباب غلام رحيم ۽ ٻين جي ڊي اي اڳواڻن به شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *