ناروال ۾ بجري سان ڀريل ڊمپر رڪشا مٿان ڪلٽي، ڊرائيور سميت 8 ٻارڙا فوت

نارووال (ويب ڊيسڪ) نارووال جي تعلقي ظفر وال ۾ شڪر ڳڙهه روڊ تي خوفناڪ حادثو پيش آيو آهي بجري سان ڀريل ڊمپر رڪشا مٿان ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ رڪشا ڊرائيور ۽ 7 ٻارڙا فوت ٿي ويا. رڪشي ۾ مختلف اسڪولن جا ٻار سوار هئا جن مان 7 ٻارڙا فوت جڏهن ته 6 ٻارڙيون سخت زخمي ٿي پيون آهن، زخمي ٻارڙان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هنن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. اطلاع تي 1122 ريسڪيو اهلڪارن ۽ مقامي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڊمپر هيٺ آيل مڙهن ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍيو. ڊسٽرڪٽ ايمرجنسسسي آفيسر ريسڪيو 8 ڄڻن جي موت جي تصيق ڪندي ٻڌايو ته خانگي اسپتال ۾ 4 ۽ آر ايڇ سي ۾ 4 مڙهه موجود آهن، المناڪ حادثي تي نارووال شهر ۽ ڀرپاسي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو آهي. پوليس موجب ڊمپر ڊرائيور روڊ جي رانگ سائيڊ تان وڃي رهيو هو ۽ حادثو غفلت سبب پيش آيو. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته گذريل 10 ورهين کان ظفر وال شڪر ڳڙهه روڊ زبون حاليءَ جو شڪار آهي ۽ جاءِ جاءِ روڊ کي کڏا پئجي ويا جيڪي حادثن جو سبب بڻجن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *