نئون اين ايف سي ايوارڊ نه ايندو، سنڌ کي پراڻي مالياتي ايوارڊ هيٺ حصو ملندو: مراد علي شاهه

اسلام آباد (بيورو) سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه چيو چيو آهي ته نئون مالياتي ايوارڊ نه ايندو، پراڻي مالياتي ايوارڊ هيٺ حصو ملندو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد علي شاھ چيو ته اي پي سي سي جي ڪاميٽي اجلاس ۾ احسن اقبال يقين ڏياريو آهي ته هو سنڌ حڪومت پاران مليل ترقياتي صلاحن کي بجيٽ ۾ شامل ڪرائيندو،هن چيو ته گذريل سال 525 ارب رپين جي وفاقي ترقياتي بجيٽ مان سنڌ کي 22 ارب رپيا مليا هئا، هن سال وفاقي ترقياتي بجيٽ ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪرڻ کانپوءِ 580 ارب رپين جي بجيٽ ڪئي وئي آهي، انهيءَ بنياد تي اسان اهو موقف رکيو آهي ته اسان جو حصو به وڌائي 24 ارب رپيا ڪيو وڃي، هن چيو ته سنڌ کي اين ايف سي جي مد ۾ ورڇ جوڳي پول مان 381 ارب ملڻا هئا پر ٽئڪس جي گهٽ اوڳاڙي سبب اسان کي پئسا گهٽ مليا آهن، هن چيو ته وفاق ڏانهن هن وقت سنڌ جا 127 ارب رهيل آهن پر وفاق 103 ارب ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، جيڪي ايندڙ ٻن مهينن تائين ملي ويندا، سيد مراد علي شاهه هڪ سوال جي جواب ۾چيو ته هاڻي اين ايف سي ايوارڊ نٿو اچي سگهي، هن مڃيو ته سنڌ جي شهرن جي حالت بهتر ناهي، اسان گهڻين ڪوششن کانپوءِ به ضلعي هيڊڪوارٽرن جي به حالت بهتر ناهيون ڪري سگهيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *