ٿيلهن مان فارم 15 ڪڍڻ جو حڪم وڏي ڪاميابي آهي: عمران خان

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن فارم 15 انڪوائري ڪميشن آڏو پيش نه ڪري سگهيو، ٿيلهن مان فارم 15 ڪڍڻ جو حڪم وڏي ڪاميابي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته عام چونڊن  ۾ منظم ڌانڌلي ٿي، انڪوائري ڪميشن جو قيام پي ٽي آءِ جي جدوجهد جو نتيجو آهي. عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ ڌانڌلين جا ثبوت انڪوائري ۾ جمع ڪرايا آهن، ڪميشن جيڪو به فيصلو ڪيو اهو تسليم ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اليڪشن ڪميشن تي تنقيد ڪندي چيو ته انڪوائري ڪميشن آڏو فارم 15 پيش نه ڪيا ويا ، ٿيلهن مان فارم ڪڍڻ بابت انڪوائري ڪميسن جو حڪم سندن وڏي ڪاميابي آهي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن انڪوائري ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪن مان فارم 15 ڪڍڻ جو حڪم ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *