مھانگائي عالمي مسئلو قرار، حڪومت جو عوام کي رليف ڏيڻ کان ٺُپ جواب، مهانگائي نه گهٽبي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته مهانگائي عالمي مسئلو آهي، شين جا اگهه رڳو پاڪستان ۾ ناهن وڌيا، جڏهن ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ مهانگائي گهٽجڻ جو امڪان آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد عمر چيو ته گذريل سال دنيا هڪ غير معمولي آفت کي منهن ڏنو، ڪورونا سبب اڳ ۾ دنيا اوچتو بند ٿي وئي، اسان سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪئي، اسان ڪيترائي سيڪٽر ڪڏهن بند ته ڪڏهن کولي گذارو ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ عام واهپي جون شيون ۽ انرجي ذريعا وڏي پئماني تي مهانگا ٿيا آهن، آمريڪا، چين ۽ ڀارت جهڙن ملڪن ۾ به ايڏي مهانگائي ٿي، جنهن جو ڪڏهن تصور نه ڪيو ويو هو. هي به پڙهي سگهو ٿا: مهانگائي گهٽ نه ٿيندي: حڪومت عوام جي ڦَٽن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو سندس چوڻ هو ته ورلڊ بئنڪ جي ڊيٽا موجب گذريل 12 مهينن ۾ ڪچي پيٽرول جي قيمت 81.55 سيڪڙو، جڏهن ته پاڪستان ۾ ان ئي عرصي دوران 17.55 وڌي، ايل اين جي ۽ گئس جي قيمتن ۾ 135 سيڪڙو واڌ ٿي، پاڪستان ۾ قدرتي ذريعن سان حاصل ٿيندڙ گئس جي قيمتن ۾ ڪا تبديلي نه ٿي، جڏهن ته ايل اين جي جي قيمت ۾ 64 سيڪڙو واڌ ٿي. وفاقي وزير ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ مهانگائي گهٽجڻ جو تاثر رد ڪندي چيو ته عام واهپي جي شين جا اگهه نه گهٽبا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن شوڪت ترين به چيو هو ته تيل سميت ٻيون شيون سڄي دنيا ۾ مهانگيون ٿي رهيون آهن ۽ ڇو ٿي رهيون آهن، ان جو سبب خبر ناهي، ڪورونا وبا جا اثر گهٽ ٿيندا ته مهانگائي به هيٺ اچي ويندي، في الحال ملڪ ۾ مهانگائي گهٽجڻ جو امڪان ناهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *