بل گيٽس جي ڌيءَ مسلمان دوست سان شادي ڪري ڇڏي

ڪراچي(م ڊ) مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس جي ڌيءَ جنيفر گيٽس پنهنجي مسلمان مصري دوست نائل ناسر سان شادي ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب 16 آڪٽوبر تي پهرين مسلم طريقي سان شادي جي هڪ محدود تقريب ٿي جنهن کانپوءِ نيويارڪ ۾ شادي جي ٻي تقريب ۾ جنيفر گيٽس ۽ نائل ناسر شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا. ميڊيا رپورٽس موجب هن شادي ۾ 20 لک ڊالرز (يعني 34 ڪروڙ پاڪستاني روپين کان وڌيڪ خرچ آيو) جڏهن ته شادي واري ڏينهن تي ٽريفڪ لاءِ روڊ بند ڪيا ويا هئا. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب شادي جي هي تقريب جنيفر جي ويسٽ چيسٽر هارس فارم ۾ منعقد ڪئي وئي هئي جنهن ڪيترن ئي مهمانن شرڪت ڪئي. واضح رهي ته جنيفر گيٽس ۽ نائل ناسر جي وچ ۾ 2017 ۾ ويجها لاڳاپا ٿيا هئا ۽ 30 جنوري 2020 ۾ ٻنهي ڄڻن مڱڻي ڪئي هئي جن هاڻي شادي ڪري ڇڏي آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *