مٿان حڪم وٺندڙ اصول جي ڳالهه پيا ڪن، ڪنهن ايجنڊا کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: نواز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو مقبوليت حاصل ڪري چڪو آهي، مان حالتن کان گهٻرائڻ يا ڊڄڻ وارو نه آهيان، ايندڙ چونڊون حڪومت جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙهنداسين، عوامي نمائندا چونڊ مهم تيز ڪن.  نواز شريف جي صدارت هيٺ ملتان ۽ بهاولپور ڊويزن جي عهديدارن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مريم نواز، حمزا شهباز شريف سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. عوامي نمائندن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ووٽ کي عزت ڏيڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، مسلم ليگ ن کي جلسن ۾ ڀرپور موٽ ملي رهي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ رڳو منهنجو ئي احتساب ٿي رهيو آهي، پاناما ۾ ايندڙ 400 ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿي؟ الزام هڻندڙن کي پاڻ خبر ناهي ته منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ امن امان جو ڪريڊٽ به مسلم ليگ ن کي وڃي ٿو، سي پيڪ منصوبو عوام لاءِ اسان جي حڪومت جو تحفو آهي. نواز شريف چيو ته ڪي پي ۾ تبديلي جا نعرا کوکلا آهن، مسلم ليگ ن اڳ وانگر متحد ۽ مضبوط آهي، ڪجهه مفاد پرست ماڻهو اسان کي ڇڏي ويا آهن. هن چيو ته اصولن جي ڳالهه ڪندڙ مٿان آڊر وٺندا آهن، جيئن سينيٽ ۾ ٿيو هاڻي قومي اسيمبلي ۾ به ساڳيو ڪجهه ٿيڻ وڃي رهيو آهي پر لوٽن کي چونڊن ۾ عبرت جو نشان بڻايو ويندو. سندس چوڻ هو ته اسان کي عهد ڪرڻو آهي ته ڪنهن به اهڙي ايجنڊا کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، مون کي جيل ۾ وجهي سگهجي ٿو پر فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته اهڙن ٽڪساٽن اڳيان نه جهڪندس، جيڪڏهن پوئتي هٽياسين ته تاريخ معاف نه ڪندي، اها جنگ ڪاميابي سان کٽنداسين. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پرويز مشرف ۽ آصف زرداري دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي، هو ڊنل هئا پر اسان چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جو ڪهڙو ڪم، هاڻي گهڻو ٿي ويو. هن چيو ته ڪراچي مان ڀتا خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، سنڌ ۾ پ پ حڪومت کي 10 سال ٿي ويا آهن پر هنن ڇا ڪيو آهي، ڇا ڪراچي ۾ امن سندن ذميواري نه هئي، کي عوام مئنڊيٽ ڏنو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *