پ پ پورهيتن جو استحصال ڪندڙ قوتن آڏو پهاڙ بڻجي سامهون ايندي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جي مزدور ۽ پورهيت طبقي کي خاطري ڪرائي آهي ته پي پي پي سندن حقن لاءِ جاکوڙيندي رهندي، ڇاڪاڻ ته سماج وانگر پارٽي لاءِ به ڪرنگهي جي حيثيت اهي پورهيت ئي آهن. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ پي پي پي چيئرمين چيو ته وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي 10 فيبروري 1972ع ۾ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو مزدور پاليسي جو اعلان ڪيو ۽ ملڪ ۾ ٽريڊ يونينز جا حق متعارف ڪرايا. هن چيو ته اها عوامي حڪومت ئي هئي، جنهن بينظير امپلائيز اسٽڪ آپشن اسڪيم جي شروعات ڪئي ۽ قومي ادارن جي ملازمن کي شيئر مفت ۾ ڏنا. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت پاران ٽي-ڌري مزدور پاليسي جي واکاڻ ڪئي، جنهن جي منظوري حڪومت، پورهيتن ۽  نوڪري ڏيندڙن گڏيل اتفاق سان ڏني ۽ اهو پڻ اتفاق ڪيو ويو ته انهن وچ ۾ سهڪار ضروري آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کانسواءِ ٻي ڪنهن به صوبائي حڪومت اهو سنگ ميل پار نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته انهن پارٽين جي اوليتن ۾ پورهيت شامل ئي ناهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اها به پاڪستان پيپلز پارٽي ئي هئي، جنهن سنڌ ۾ بي زمين هارياڻين کي زرعي زمين جا مالڪاڻا حق ڏنا ۽ يونين ڪائونسل سطح تي غربت جي خاتمي لاءِ پروگرام شروع ڪيو، جنهن 6 لک ڪٽنبن کي غربت جو خول ٽوڙي ٻاهر نڪرڻ ممڪن بڻايو ۽ اهي ننڍن ڪاروبارن وسيلي پنهنجو گذر سفر ڪري رهيا آهن. پي پي پي چيئرمين ملڪ جي مزدورن ۽ پورهيتن تي زور ڀريو ته هو پي پي پي ۾ شامل ٿي ان کي وڌيڪ سگهارو بڻائين ته جيئن اها کين حق ڏياري ۽ انهن کي تحفظ ڏي. بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ارادو ڪيو ته پي پي پي مستقبل ۾ وڌيڪ مزدور دوست قانونسازي ڪندي ۽ پورهيتن جو استحصال ڪندڙ قوتن آڏو پهاڙ بڻجي سامهون ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *