ميڊيا پنهنجي حد ۾ رهي ۽ اسان جي ٻارن جو پيڇو ڇڏي ڏي: ڪاجول جي ڀارتي ميڊيا کي ڌمڪي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نالي واري اداڪارا ڪاجول ڀارتي ميڊيا کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا پنهنجي هد ۾ رهي ۽ اسان جي ٻارن جو پڇو ڇڏي ڏي، جيڪو ڪجهه ميڊيا شاهه رخ خان جي ڌيءُ سهانا سان ڪيو جيڪڏهن منهنجي ڌيءُ نائسا سان ڪيو هجي ها ته مان بلڪل برداشت نه ڪيان ها. سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جي هن دور ۾ شهرت حاصل ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم ناهي بلڪ ڪنهن مشهور شخصيت جي اولاد ٿئڻ ئي ڪافي آهي، آساني سان ملندڙ شهرت ڪڏهن ڪڏهن ڳچيءَ ۾ پئجيو يندي آهي، ڪجهه ايئن ئي ٿيو شاهه رخ خان جي لاڏلي ڌيءُ سهانا خان سان به، گذريل مهيني بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي ڌيءُ سهانا جي هڪ ويڊيو منظرعام تي آئي هئي جنهن ۾ هوءَ لفٽ جو انتظار ڪري رهي هئي جڏهن ته ان دوران ميڊيا نمائنديون تصويرون ڪڍڻ ۾ مصروف هيون، ميڊيا طرفان لاڳيتو تصويرون ڪڍڻ تي سهانا پريشاني جي عالم ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمندي پنهنجو چهرو لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي پر ميڊيا ان جي جان ناهي ڇڏيندي، اها وڊيو منظرعام تي ايندي ئي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي ايتري تائين جو شاهه رخ پنهنجي ڌيءُ سان ٿيندڙ ان سلوڪ تي ميڊيا کي تنبيهه ڪندي چيو هو ته عوامي مقامن تي ان جي ٻارن کي پريشان نه ڪيو وڃي.هاڻي ان وڊيو تي اداڪارا ڪاجول جو ردعمل اڳيان آيو آهي، ميڊيا جي ان حرڪت تي ڪاجول ان مٿان مڇرجي پئي آهي ۽ چيو آهي ته شاهه رخ خان جي ڌيءُ سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو برداشت ڪرڻ قابل نه هو، ان کي صاف لفظن ۾ هراسان ڪرڻ چوندا آهن، ميڊيا کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي ته هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ کي ان حد تائين تنگ ڪيو وڃي جو هوءَ پنهنجو چهرو لڪائڻ تي مجبور ٿي وڃي جيڪڏهن ميڊيا اهو سڀ منهنجي ڌيءُ نائيسا يا پٽ يگ سان ڪيو هجي ها ته مان بلڪل به برداشت نه ڪيان ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *