ڀارتي اداڪارا ڪريتي سينن ۲۷ سالن جي ٿي وئي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ تيزي سان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪارا ڪريتي سينن اڄ ۲۷ هين سالگرا ملهائي رهي آهي ڪريتي سينن ڀارتي گادي واري شهر دلي ۾ ۲۷ جولاءِ ۱۹۹۰ تي پيدا ٿي هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۲۰۱۱ع ۾ سلور اسڪرين تي مختلف ٽي وي اشتهارن ڪئي ڪريتي کي ننڍپڻ کان ماڊلنگ جو شوق هو، هوءَ پنجن سالن جي ڄمار ۾ ماڊلنگ شو ۾ حصو وٺندي هئي ڪريتي بالي ووڊ ۾ ۳ فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي جن وسيلي هن پنهنجي مداحن جي دلين ۾ گهر ڪري ورتو آهي ڪريتي هينئر تائين هيروپنتي، دل والي ۽ رابطا ۾ ڪم ڪري چڪي آهي ڪريتي هونئن ته بالي ووڊ ۾ نئين آهي جڏهن ته ان جي باوجود ان گهٽ عرصي ۾ ئي پنهنجي بهترين اداڪاري ۽ حسين ادائن سبب مداحن جي دل کٽي ورتي آهي. ۰۳

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *