ميان افتخار جي گرفتاري عمران خان جي آمراڻي سوچ جي عڪاسي آهي: آصف زرداري

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آ صف علي زرداري اي اين پي اڳواڻ ميان افتخار خلاف ڪيس ۽ گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذ مت ڪندي چيو آهي ته مخالفن جي گرفتاري عمران خان جي آمراڻي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿي، اي اين پي اڳواڻ ميان افتخار جي گرفتاري انتقامي ڪارروائي تحت ڪئي وئي آهي، پنهنجي مذ متي بيان ۾ آصف زرداري چيو ته تحريڪ انصاف صوبي ۾ مڪاني چونڊن دوران ڌانڌلي جو بدترين مثال قائم ڪري ورتو آهي، عمران خان پاڻ ڌاندلي تي شور ڪند و رهيو آهي پر پنهنجي صوبي ۾ هنن ٻين کان وڌيڪ ڌانڌلي ڪئي، آصف زرداري چيو ته اي اين پي اڳواڻ جي گرفتاري ڌانڌلي آهي، پي ٽي آءِ صوبي ۾ مخالفن خلاف انتقامي ڪارروائي بند ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *