دبئي ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻن جو اهم اجلاس، آصف زرداري پاران بلاول ڀٽو سان گڏ اڄ وطن واپس اچڻ جو فيصلو

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارتي جي اڳواڻن دبئي ۾ پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن موجب ملاقات دبئي ۾ آصف زرداري جي رهائشگاهه تي ٿي. ملاقات دوران سينيٽر رحمان ملڪ، مراد علي شاهه، فريال ٽالپر کانسواءِ شري رحمان به موجود هئي.ذريعن موجب ملاقات دوران ذوالفقار مرزا پاران لڳايل الزامن ۽ اُن خلاف لائحه عمل کانسواءِ سنڌ ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان به غور ڪيو ويو آهي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته سنڌ جي سياست کانسواءِ خيبرپختونخواهه جي بلدياتي چونڊن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رحمان ملڪ چيو ته خيبرپختونخواهه جي مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارتي جي اميدوارن کي حراسان ڪيو ويو هو، جڏهن ته تحريڪ انصار سرڪاري مشينري جو استعمال ڪيو، رحمان ملڪ ٻڌايو ته پارٽي جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پهرين جون سڀاڻي بلاول ڀٽو سان گڏ وطن واپس ايندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *