مولانا فضل الرحمان ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو ذميوار آهي: ايم ڪيو ايم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان کي ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته فضل الرحمان ڪراچي دشمني ۽ طالبان جي حمايت ڪري رهيوآهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي پريس ڪانفرنس ڪندي رابطا ڪميٽي جي انچارج قمر منصور چيو ته مولانا فضل الرحمان جي اڄ تعصباڻي ذهن جي عڪاسي ۽ هزارين فوجين جي رت سان غداري آهي هو سڄي قوم کي تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان ڪراچي ۽ اُن جي عوام خلاف زهر ڦهلايو آهي ۽ هو ڪراچي دشمني ۽ طالبان جي حمايت ڪري رهيو آهي کيس طالبان دهشتگرد ڇو نظر نه آيا جڏهن ته مولانا فضل الرحمان طالبان جو احتساب ٿيڻ تي تي ناراض آهي. هن چيو ته هن وقت سڄي قوم دهشتگردي جي معاملي تي گڏ آهي ۽ مولانا فضل الرحمان اُن کي تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري اهڙي طرح هو ملڪ کي باهه ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جو چوڻ هو ته مولانا فضلالرحمان ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو ذميوار آهي ۽ هوبه قانوني گرفت ۾ ايندو جڏهن ته بابر غوري جو چوڻ هو ته فضل الرحمان سياسي پارٽين جي اجلاس ۾ آرمي چيف آڏو آئيني ترميم تي راضپو ظاهر ڪيو پر اجلاس کانٻاهر اچي هن اُن جي مخالفت ڪئي. مولانا فضل الرحمان پشاور جي شهيدن جي چاليهي کان پهريان ئي قوم کي تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *