ڪراچي: سهراب ڳوٺ ۾ آپريشن، 7 مبينا دهشتگرد مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ پوليس جي سرچ آپريشن دوران القاعده جي مقامي ڪمانڊر سميت 7 مبينا دهشتگرد مارجي ويا،جڏهن ته ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي ملير رائو انوار موجب پوليس جي 500 اهلڪارن دهشتگردن جي موجودگيءَ واري اطلاع تي سهراب ڳوٺ جي مدينا ڪالوني ۾ سرچ آپريشن ڪيو. ايس ايس پي ملير ٻڌايو ته سرچ آپريشن دوران دهشتگردن هڪ اهلڪار کي يرغمال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي،جنهن تي ٻنهي پاسن کان فائرنگ جي ڏي وٺ شروع ٿي. ايس ايس پي رائو انوار موجب،فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 7 مبينا دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي ملير ٻڌايو ته آپريشن دوران مارجي ويل ۽ زخمي دهشتگردن جو تعلق القاعده سان آهي،مارجي ويلن ۾ القاعده جو مقامي ڪمانڊر پرويز عرف پرو به شامل آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *