مودي سرڪار جي سرجيڪل اسٽرائيڪ واري دعويٰ ڪوڙي آهي: مايا وتي

دهلي(م.ڊ) ڀارت جي بهوجن سماج پارٽي جي اڳواڻ مايا وتي به مودي سرڪار جي پاڪستان ۾ سرجيڪل اسٽرائيڪ کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته نريندر مودي سياسي مفادن لاءِ اهو ڊرامو ڪيو. لکنئو ۾ تقريب کي خطاب ڪندي بهوجن سماج پارٽي جي اڳوا۾ مايا وتي چيو ته مودي حڪومت پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ لاءِ سرجيڪل اسٽرائيڪس جو ڊرامو پئي ڪري، ان قسم جون ڪارروائيون اڳ به ٿينديون رهيون آهن. مايا وتي وڌيڪ چيوته بي جي پي حڪومت اقليتن سان تعصباڻو سلوڪ ڪري رهي آهي، حيدرآباد ۾ روهت ويمولا جو موت، گجرات ۾ دَلَتن تي تشدد جا واقعا ان جو مثال آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *