اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ سال جي بهترين عورت شخصيت جو ايوارڊ ماڻي ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فنڪارا ايشوريا راءِ نه صرف اڄ ڪلهه پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”اي دل هي مشڪل“ جي ٽريلر رليز ٿيڻ کانپوءِ خبرن جي زينت بڻيل آهي، پر هاڻ هن سال جي بهترين عورت شخصيت جو ايوارڊ به پنهنجي ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بالي ووڊ فنڪارا ايشوريا راءِ بچن ڊگهي عرصي کان هڪ ڀيرو ٻيهر جڏهن سلور اسڪرين تي آئي آهي، تڏهن کان شاندار اداڪاري پيش ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب فنڪارا هڪ ٻيو قدم وڌائيندي سال جي بهترين عورت شخصيت جو ايوارڊ  به پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي، هڪ بزنس ميگزين پاران 19 عورتن کي سال جي بهترين سليبرٽي جو ايوارڊ سان نوازيو آهي، جنهن ۾ اڳوڻي حسن جي راڻي ايشوريا راءِ به شامل آهي.  ايوارڊ کٽڻ تي ايشوريا راءِ جو چوڻ هو ته ايوارڊ حاصل ڪري هوءَ تمام گهڻو خوش آهي، هن ٻين عورتن کي به نصيحت ڪئي ته هو به پاڻ کي پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ بهترين بڻائين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *