مودي، وزيرن کي پاڪستان خلاف بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

نئين دهلي (م.ڊ) پاڪستان توڙڻ جي حوالي سان ڀارتي ڪردار جو اقرار ڪندڙ  ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پٽڙي تي اچي ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽس مطابق ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي نئين دهلي جي قيادت کي  پاڪستان جي مخالفت ۾ بيان ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي وزيراعظم بنگلاديش جي دوري دوران اهو بيان ڏنو هو ته 1971ع  ۾ پاڪستان ٽوڙڻ لاءِ ڀارت مڪتي باهني جي گهڻي مدد ڪئي هئي. ان بيان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ  ڀارتي سڌ سماءُ واري وزير راج ورڌن سنگهه پنهنجي بيان ۾ کلي عام ڌمڪي  ڏيندي چيو هو ته ڀارتي فوج ڪٿي به ڪارروائي ڪري سگهي ٿي . تجزيا نگارن ان ڳالهه کي  ڀارت پاران هلندڙ پراڪسي وارو تسلسل قرار ڏنو هو.عالمي لاڳاپن تي نظر رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه واري رٿا جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ  به انهن بيانن جو اهم سبب ٿي سگهي ٿو. انهن حالتن ۾ پاڪستان سفارتي محاظ کي  بحال ڪري ڀارتي پروپيگينڊا  جو جواب ڏنو هو جنهن کانپوءِ ڀارتي ميڊيا جي تازين رپورٽس ۾ چيو ويو ته مودي وزيرن کي چپ رهڻ جو چئي ڇڏيو آهي. ڀارتي وزيراعظم ڀارتي جنتا پارٽي جي وزيرن کي چيو آهي ته هو پاڪستان جي مخالفت ۾ بيان ڏيڻ کان پرهيز ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *