وزيراعظم نواز شريف گلگت ۾ مسلم ليگ (ن ) جي قيادت کي حڪوت ٺاهڻ لاءِ هوم ورڪ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) مسلم ليگ (ن)کي مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪومت ملڻ کانپوءِ هاڻي گلگت بلتستان ۾ به حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل اڪثريت ملي وئي آهي، آزاد اميدوارن به نواز ليگ ڏانهن اڳڀرائي ڪئي آهي، وڏي وزير ۽ ٻين اهم مقررين جو اختيار وزير اعظم نواز شريف کي ڏنو ويو آهي، ايندڙ مهيني جي پهرين هفتي ۾ حڪومت جي جوڙجڪ ڪئي ويندي، گلگت بلتستان جي خاص 9 سيٽن تي ايندڙ هفتي اليڪشن ٿيندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف اتان جي قيادت کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ هوم ورڪ شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، امڪان آهي ته 33 اسيمبلي ميمبرنن واري ايوان ۾ مسلم ليگ (ن )جي ميمبرن انگ 24 ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *