موجوده اڀرندڙ چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ خبردار رهڻو پوندو: آرمي چيف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته موجوده اڀرندڙ چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ خبردار رهڻو پوندو. پاڪ فوج شعبي آءِ ايس پي آر موجب هن اِها ڳالهه ڪور هيڊ ڪوارٽرز ڪراچي جي دوري تي چئي.  چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه کي ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل همايون عزيز ڪور هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي بريفنگ ڏني. پاڪ فوج جي سربراهه کي خطي جي سيڪيو/ڏسو صفحو 2بقايا نمبر 14

رٽي بابت صورتحال ۽ آپريشنل تيارين تي به بريفنگ ڏني وئي. جنرل قمر جاويد باجوه قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار تي اطمينان جوا ظهار ڪيو. هن ڪورونا کان بچاءِ جي لاءِ ڪراچي ڪور جي ڪوششن جي تعريف به ڪئِي. آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه گيريزن هيلٿ ۽ فيلڊ آئسوليشن سينٽر به جو دورو ڪيو. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه سنڌ رينجرز هيڊ ڪوارٽرز جو به دورو ڪيو جتي هن اندرين سيڪيورٽي ۽ آپريشنل معاملن تي بريفنگ ڏني. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه سنڌ رينجرز هيڊ ڪوارٽرز آمد تي يادگار شهدا تي گل رکيا ۽ فاتح خواني ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *