عزير بلوچ 185 ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو: جي آئي ٽي رپورٽ ۾ انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ جي گڏيل جاچ ٽيم (جي آءِ ٽي) طرفان تيار ڪيل جاچ رپورٽ ميڊيا هٿ  ڪري ورتي. عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ 36 صفحن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ هن جي خاندان جا تفصيل به شامل آهن جڏهن ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ عزير بلوچ جي 20 کان وڌيڪ دوست ۽ 16 /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 40

رڪني اسٽاف جو به ذڪر آهي. رپورٽ موجب عزير بلوچ 198 قتل جي وارداتن جو اعتراف ڪيو ۽ قتل جو اهو وارداتون لساني ۽ سياسي بنيادن تي ڪئي ڪيون ويون، عزير بلوچ گينگ وار ۾ سڌي ريت ملوث هو جنهن کي 2006ع ۾  ٺٽي جي علائقي چوهڙ جمالي مان گرفتار ڪيو ويو جنهن کان پوءِ کيس 7 ڪيسن ۾ چالان ڪيو ويو ۽ 10 مهينا جيل ۾ رهيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عزير بلوچ 2008ع کان 2013ع دوران مختلف هٿيار خريد ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو جڏهن ته جوابدار ڪيترن ئي پوليس ۽ ريجرز اهلڪارن جي قتل ۾ به ملوث آهي. جي آءِ ٽي رپورٽ موجب عزير بلوچ بابا لاڊلا ۽ جبار لنگڙا ذريعي رزاق ڪمانڊو جي ڀاءُ کي 2010ع ۾ قتل ڪرائڻ ۽ شير شاهه ڪٻاڙي مارڪيٽ ۾ لساني بنيادن تي قتل جو اعتراف ڪيو جڏهن شير شاهه ڪٻاڙي مارڪيٽ ۾ قتل عام مخالف سياسي جماعت کي ڀتو ڏيڻ جي شڪ تي ڪيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار 6 نومبر 2012ع ۾  پ پ جي ملڪ محمد خان کي به قتل ڪرايو. پ پ اڳواڻ کي لياري جي علائقي اٺ چوڪ تي ان وقت فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو جڏهن هو لياري ۾ گينگ وار خلاف ٿيل هڪ مظاهري جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. عزير بلوچ پيءُ جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ مارچ 2013ع ۾ ارشد پپو کي قتل ڪرائڻ جو اعتراف ڪيو ۽ ٻڌايو ته ارشد پپو جي قتل ۾ مختلف پوليس انسپيڪٽرن جي مدد ورتي، ارشد پپو ۽ ٻين مغوين کي آدم ٽي گودام ۾ آندو ويو جتي ارشد پپو ۽ سندس ٻن ساٿين کي قتل ڪري لاش گٽر ۾ لوڙها ويا هئا. جي آءِ ٽي رپورٽ موجبگ عزير بلوچ 2012ع ۾ لياري آپريشن دوران ساٿين کي پوليس خلاف مزاحمت جو به حڪم ڏنو. جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عزير اثر جي بنياد تي 7 ايس ايڇ اوز  مقرر ڪرايا جڏهن ته جوابدارکي پرڏيهه فرار ٿيڻ باوجود به ماهوار لکين رپيا ڀتو دبئي موڪليو ويندو هو. جوابدار پاڪستان ۽ دبئي ۾ غير قانوني طريقي سان ٺاهيل اثاثن جو انڪشاف به ڪيو آهي. عزير بلوچ جي آءِ ٽي جي سامهون ايران فرار ٿي ايراني پاسپورٽ ۽ اي آءِ سي ٺهرائڻ جو به اعتراف ڪيو آهي. جوابدار ٻڌايو ته ايران ۾ رهندڙ سندس ماسي پاسپورٽ ٺهرائڻ ۾ هن جي مدد ڪئي، مند سان واسطو رکندڙ حاجي نثار ايران ۾ رهائش ڏني. هن اعتراف ڪيو ته حاجي نثار ئي ايراني انٽيليجنس سان ملاقات ڪرائي، ايراني انٽيليجنس پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز بابت ڄاڻ ڏيڻ جو چيو. ياد رهي ته عزير بلوچ کي 30 جنوري 2016ع ۾ ڪراچي جي ٻهراڙي واري  علائقي مان گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هاڻ هو ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ قيد آهي. دهشتگردي ٽوڙي عدالت رينجرز پاران پيش ڪيل رپورٽ جي بنيادن تي عزير بلوچ کي 90 ڏينهن جي رمانڊ تي رينجرز حوالي ڪيو هو ۽ گڏوگڏ جوابدار کان پڇا ڳاڇا لاءِ جي آءِ ٽي بڻائڻ جو به حڪم ڏنو هو. عزير بلوچ جي سِر جي قيمت 20 لک رپيا مقرر ڪئي وئي هئي. خيال رهي ته سنڌ حڪومت لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ، اڳوڻي چيئرمين فشر مين ڪو آپريٽوسوسائٽي نثار مورائي ۽ بلديا فيڪٽري سانحي جي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جي رپورٽ منظر عام تي آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهي رپورٽون سومر ڏينهن گھرو وزارت جي ويب سائيٽ تي دستياب هونديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *