مهانگائي بيروزگاري ۽ معاشي زبون حالت سان عوام آڏو ايندڙ سنگين ڏکيائيون اجاگر ڪيون وڃن: شھباز شريف

اسلام آباد  (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف پارٽي جي اڪنامڪ ايڊوائزري ڪائونسل کي حڪومتي معاشي ڪارڪردگي بي نقاب ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي پنهنجي بيان ۾ شهبازشريف پارٽي جي اڪنامڪ ايڊوائزري ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، هن چيو ته اڪنامڪ ايڊوائيزري ڪائونسل عوام دشمن بجيٽ منظور ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ حڪمت عملي جو جائزو وٺي هن چيو ته مهانگائي بيروزگاري ۽ معاشي زبون حالت سان عوام آڏو ايندڙ سنگين ڏکيائيون اجاگر ڪيون وڃڻ هن چيو ته بجلي گئس دوائون علاج تعليم ۽ ضروري شين جي قيمتن ۾ هوش اڏائيندڙ واڌ جي حقيقتن کي اجاگر ڪيو وڃي. حڪومت ڪوڙ سان انگ اکر تبديل ڪري سگهي ٿي پر زميني معاشي حقيقتون تبديل نٿيون ٿي سگهن آءِ ايم ايف جي مطالبن کي بجيٽ جو نالو ڏيئي عوام تي مڙهڻ نه ڏينداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *