جيڪڏهن مشاورت ٿيندي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي پليٽ فارم تان ٿيندي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي واضح ڪيو ته جيڪڏهن مشاورت ٿيندي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي پليٽ فارم تان ٿيندي، مفاهمت ان سان ناهي ٿيندي جيڪو اليڪشن چوري ڪري ۽ آئين ٽوڙي، هر اداري کي پنهنجي آئيني حد ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو هڪ انٽرويو ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته مفاهمت ڪڏهن به هڪ طرفي ناهي ٿيندي. هر اداري کي پنهنجي آئيني حد ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو شهبازشريف سان اختلاف ڪندس نوازشريف جي پيرين پوڻ جي ضرورت نه آهي جيڪڏهن دليل هجن ته نوازشريف کي وڏا وڏا فيصلا تبديل ڪندي ڏٺو آهي هن چيو ته شهبازشريف پراڻو سياستدان آهي آئين کي ٽوڙڻ قبول نٿو ڪري سگهجي. ان بيانيي ۾ ڪوئي اختلاف نه آهي چاهيون ٿا ته ادارن جي عزت رهي ۽ اهي آئين مطابق پنهنجي حد ۾ رهن چاهيون ٿا ته ملڪ جو نظام آئين مطابق هلي شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان جي عوام کي اميد آهي ته ڪوئي ان جي ڳالهه به ڪندو اسان جي ملڪ ۾ اليڪشن چوري ٿئي ٿي جنهن ملڪ جي اليڪشن تي ڌاڙو لڳي اتي اليڪشن سڌارا ڇا ڪندا. هن چيو ته 1985 کان اڄ تائين هر اليڪشن وڙهي آهي، ٽروٿ ڪميشن ۾ حقيقتون عوام جي سامهون رکيون وڃن ٿيون موجوده حڪومت جي هر گهڙي پاسڪتان تي ڳري آهي هي ملڪ آئين مطابق نه پيو هلي، شاهد خاقان عباسي چيو ته حمزه سهبازشريف جو پنجاب ۾ وزيراعليٰ بنجڻ جو سڀ کان وڏو حامي آهيان حڪومت ڪيرائڻ ڪوئي ڏکيو ڪم نه اهي حڪومت جي خلاف پنهنجي تحريڪ هلائيندا رهنداسين ايندڙ سربراهي اجلاس تائين جلسا ڪندا رهنداسين اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پي ڊي ايم اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارتي ۽ عوامي نيشنل پارٽي بابت ڪائي ڳالهه ناهي ٿي پيپلزپارٽي ۽ اين اين پي جو اشو اسان جي لاءِ ڪجهه نه اهي جيڪڏهن پيپلزپارٽي پي ڊي ايم جو اعتماد بحال ڪري ته جڳهه بڻجي سگهي ٿي. پي ڊي ايم ڪنهن هڪ جماعت جي سهاري نه پئي هلي شاهد خاقان عباسي چيو ته پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ بجيٽ ۽ افغانستان جي صورتحال تي غور ٿيو مان اها ڳالهه ڪريان ٿو جيڪا پي ڊي ايم چوي ٿي پي ڊي ايم ۾ اختلاف راءِ پهرين ڏينهن کان موجود آهي هن چيو ته اتفاق راءِ ٿيو هو ته يوسف رضا گيلاني سينيٽ اليڪشن وڙهندو پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي 5 ماڻهو حڪومت جا وٺي اپوزيشن ليڊر بڻايو پيپلزپارٽي پي ڊي ايم جو اعتماد ٽوڙيو اسان پيپلزپارٽي کان وضاحت گهري شاهد خاقان عباسي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي پي ڊي ايم مان ختم ٿي ويون آهن اسان جو بيانيو آهي ته ملڪ آئين مطابق هلي جيڪڏهن ڪنهن کي ڳالهه ناهي ڪرڻي ۽ واپس ناهي اچڻو ته پوءِ خدا حافظ.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *