مني لانڊرنگ ڪيس: الطاف حسين پوليس اڳيان پيش، ضمانت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جولاءِ تائين واڌ

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين  جي ضمانت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جولاءِ تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين لنڊن ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ صمانت جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ پوليس آڏو پيش ٿيو جتي سدرڪ پوليس اسٽيشن ۾ 2 جانچ ڪندڙ اهلڪارن الطاف حسين کان 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي. جڏهن ته انهيءَ موقعي تي الطاف حسين جي معاونت لاءِ سندس وڪيل پڻ پوليس اسٽيشن ۾ موجود هو. الطاف حسين جي جانچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪرائون پراسيڪيوشن سروس صمانت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *