نواز ليگ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جي قيام کانپوءِ ليگل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) حـُڪمران جماعت مسلم ليگ نـُون عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جي قيام کانپوءِ ليگل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي 16 اپريل تي رٿيل جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي کانپوءِ معاملن جو  جائزو  وٺندي.  مئي 2013 جي عام چونڊن ۾مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جو قيام عمل ۾ اچڻ بعد حڪمران جماعت مسلم ليگ ان حوالي سان هڪ ليگل ڪميٽي قائم ڪئي آهي. ڪميٽي ۾ سينيئر وڪيل خواجه حارث، مصطفيٰ رمدي ۽ مخدوم علي خان قانوني معاونت ڪندا، جڏهن ته پوليٽيڪل ميمبرز ۾ روحيل اصغر، طلال چوڌري ۽ رياض ملڪ شامل آهن. ذريعن موجب، ڪميٽي 16 اپريل تي رٿيل جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي کانپوءِ جو جائزو وٺندي. ڪميٽي، معاملن جو جائزو وٺي پارٽي جي اعليٰ قيادت کي پڻ آگاهه ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *