”منهنجي ايوارڊ سان پيءُ جو ڪو تعلق نه آهي: عدنان سميع

 

ڪراچي (شوبز نيوز) اڳوڻي پاڪستاني ڳائڻي عدنان سميع پدماشري ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ فوجي پيءُ جي ڪردار کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. پدماشري ايوارڊ بابت ٿيندڙ تنقيد جي جواب ۾ ڀارتي ميڊيا کي ڏنل اهڪ انٽرويوءَ ۾ عدنان سميع پنهنجي پيءُ ارشد سميع جيڪو پاڪستان ايئرفورس جو اڳوڻو پائليٽ به رهي چڪو آهي، جي ڪردار ۽ خدمتن کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته منهنجي ايوارڊ جو ان جي پائليٽ هجڻ سان ڪو تعلق نه آهي. ياد رهي ته ڀارت ۾ 71 هين يوم جمهوريه تي 141 ماڻهن کي مختلف شعبن ۾ خدمتون انجام ڏيڻ تي ڀارت جو وڏو سول ايوارڊ پدماشري سان نوازيو ويو هو، انهن ۾ پاڪستان جو اڳوڻو شهري عدنان سميع پڻ شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *