مهوش جو بولڊ انداز تي تنقيد ڪندڙن کي بولڊ تصوير سان جواب

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات جي بولڊ انداز تي مٿس تنقيد ٿيندي رهي آهي جڏهن ته ماضي ۾ به فلمن ۾ ڊانس نمبر ڪرڻ تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو. تازو کيس پنهنجي بولڊ تصويرن تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. اڳوڻي ٽي وي ميزبان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت حسين به کيس تنقيد جو نشانو بڻايو هو اداڪارا کيس ته ڪو جواب نه ڏنو پر هاڻي ٻين ماڻهن لاءِ هڪ پوسٽ ڪندي ٻيهر بولڊ تصوير شيئر ڪئي آهي. مهوش حيات ٽوئٽر ۽ انسٽاگرام تي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي بولڊ تصوير شيئر ڪندي کيس تنقيد جو نشانو بنائيندڙن کي جواب ڏنو. اداڪارا بولڊ تصوير سان لکيو ته “ کيس خبر آهي ته ڪجهه ماڻهو کيس پسند نٿا ڪن پر هو ڇا ڪري جو هر ڪوئي صاحبِ ذوق ناهي هوندو“ اداڪارا بولڊ تصوير ۽ قول کي شيئر ڪندي ڪنهن به شخص کي مينشن نه ڪيو ۽ نه ئي هن ڪنهن هيش ٽيگ جو استعمال ڪيو. هن پنهنجي نالي جو هيش ٽيگ استعمال ڪرڻ سميت فوٽوگرافر کي ڪريڊٽ ڏنو. تصوير تي مداحن گڏيل رد عمل جو اظهار ڪيو ڪجهه ماڻهن کيس ٻيهر تنقيد جو نشانو بڻائيندي کيس بولڊ انداز کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني ته ڪجهه ماڻهن سندس بهادري جي واکاڻ ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *