منهنجا گرفتاري وارنٽ به جاري نه ٿيا آهن، جبري قيد رکيو ويو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته منهنجا گرفتاري وارنٽ به جاري نه ڪيا ويا آهن، کيس جبري طور قيد رکيو ويو آهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته مريم نواز طرفان سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ ۽ شاهدي پروٽوڪول ڏيڻ غلط آهي. هن چيو ته احتساب عدالت ٻاهران مريم نواز جي سالگره ملهائڻ ڪارڪنن جو حق آهي. سندس چوڻ هو ته آصف علي زرداري 11 سال ڀوڳيو آهي، جيل پ پ ڪارڪنن جو ٻيو گهر آهي. سندس چوڻ هو ته ماضيءَ ۾ نواز شريف بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائي هئي. شرجيل ميمڻ چيو ته نواز شريف ڪهڙن نظرين جي ڳالهه ڪري رهيو آهي؟ هن چيو ته مون کي ايئرپورٽ اندران ئي گرفتار ڪيو ويو،  نواز شريف جي گرفتاري لاءِ ني کي ايئرپورٽ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي آجيان ڪرڻ ڪارڪنن جو حق آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته نيب کي نواز ليگ سان محبت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *