شيخوپوره ۾ مسافر بس ۽ وين ۾ ٽڪر، ۵ ڄڻا فوت، ۸ زخمي

شيخوپوره(م.ڊ)  شيخوپوره ۾ گوجرانوالا روڊ تي مسافر بس ۽ وين جي وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ ۵ ماڻهو فوت ۽ ۸ زخمي ٿي پيا آهن، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس، ايمبولينس ۽ ريسڪيو ٽيمون حادثي واري هنڌ تي پهتيون. امدادي ٽيمن لاشن ۽ زخمين کي لاهور جي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ريسڪيو اهلڪارن جو چوڻ آهي ته زخمين مان ٽن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *