منظم ڌانڌليون ٿيون يا نه فيصلو عدالتي ڪميشن ڪندي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته، منظم ڌانڌليون ٿيون يا نه، فيصلو عدالتي ڪميشن ڪندي، انور محبوب جو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي،اڄ منظم ڌانڌلي اڳيان اچي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان وڌيڪ چيو ته، پنجاب جي اڳوڻي اليڪشن ڪمشنر انور محبوب جو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي،انور محبوب 30 هزار بيلٽ پيپرز اماڻيا هئا.عمران خان وڌيڪ چيو ته، نواز ليگ اڳواڻ حمزه شريف جي تڪ ۾ 62  هزار اضافي بيلٽ پيپرز اماڻيا ويا ۽ حامد خان جي تڪ ۾ 56 هزار واڌو بيلٽ پيپرز موڪليا ويا. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته، عدالتي ڪميشن جيڪو به فيصلو ڪندي، اکيون بند ڪري تسليم ڪنداسين. پي ٽي آءِ جي چيئرمين چيو ته، انور محبوب اڄ چوندو رهيو ته کيس ڪا خبر ناهي،اسان 25 کان 30 اهم تڪن تي ڌانڌلين جي نشاندهي ڪئي آهي. هن چيو ته، ڌانڌلين بابت فيصلو عدالتي ڪميشن کي ئي ڪرڻو آهي، پر اڄ منظم ڌانڌلي جو طريقيڪار سامهون اچي ويو آهي. عمران چيو ته، پارٽي تو اڀي شروع هوئي هي، اڃا وڌيڪ انڪشاف ڪنداسين، سعد رفيق جي تڪ جي چونڊ تڪرار ٿي وئي وئي آهي، هو ڪنهن منهن سان اسيمبلي ويندو. عمران خان  جو چوڻ هو ته، اين اي 122 ۾ ڪهڙي راند کيڏي پئي وڃي، اڃا ااهو انڪشاف ٿيڻو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *