اڳوڻين حڪومتن صوبن کي مفت بجلي ڏئي انهن جي عادت خراب ڪري ڇڏي، هاڻي ائين نه ٿيندو: عابد شير علي

حيدرآباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته اڳوڻين حڪومتن صوبن کي مفت بجلي ڏئي انهن جي عادت خراب ڪري ڇڏي آهي.پر هاڻي ائين نه ٿيندو. صوبن کي بجلي جون بقايائون ڏيڻيون پونديون نه ته اسان بجلي ڪٽڻ تي مجبور ٿي وينداسون. حيسڪو هيڊ ڪوارٽر حيدرآباد ۾ حيسڪو جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڳوڻين حڪومتن صوبن کي مفت بجلي فراهم ڪئي ۽ عوام کي مهانگي بجلي فراهم ڪئي جڏهن ته موجوده حڪومت عوام لاءِ پوڻا 6 رپيا في يونت بجلي سستي ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته صوبا بجلي جون بقايائون جمع نه پيا ڪرائين ۽ نه ئي بجلي چورن خلاف ڪارروائي ۾ اسان سان سهڪار ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ بجلي چوري جي ايف آءِ آر داخل نٿي ڪئي وڃي ۽ نه ئي پوليس سهڪار ڪري ٿي. هن چيو ته هن وقت سنڌ تي 90 ارب رپين کان وڌيڪ جون بقايائون آهن اهڙي ريت بلوچستان تي 140 ارب، ڪي پي ڪي تي 110 ارب، آزاد ڪشمير تي 48 ارب رپيا ۽ پنجاب جي مختلف ڪمپنين تي 38 ارب رپين کان وڌيڪ جون بقايائون آهن. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ جي ناڻي واري وزير سان ڳالهين بعد مفاهمتي طور تي انهن کي هلندڙ سال 12 ارب رپيا حيسڪو ۽ سيپڪو کي ادا ڪرڻا هئا. پر انهن اها رقم جمع نه ڪرائي اسين بجلي بند ڪرڻ جو چئون ٿا ته مختلف قسمن جون ڌمڪيون ملن ٿيون. هن چيو ته هاڻي قد کان وڌندو پيو وڃي. هن چيو ته ڊيرا غازي خان ۾ هڪ ارب رپين جون بقايائون نه پئي ڏنيون ويون اسان انهن کي چيو ته بدمعاشي نه هلندي ۽ اسان پوري ڊويزن جي بجلي بند ڪري ڇڏي جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪارروائي هلي پئي ته پنجاب ۾ به ڪنهن بخش نه پيو ڪيو وڃي. هن چيو ته صوبا سهڪار نه ڪندا ته بجلي بحران تي تڪڙو ضابطو اچڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي. سنڌ حڪومت کي هاءِ ڪورٽ به حڪم ڏئي چڪي آهي پر 12 ارب رپيا ادا نه پيا ڪيا وڃن ۽ موجوده بل جمع نه پيا ڪرايا وڃن مجبورن اسان کي ڪجهه ڪرڻُو پوندو. هن چيو ته جن علائقن ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ خسارو هوندو اتي بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۾ به اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته واپڊا ڪو خيراتي ادارو ناهي بجلي ڏينداسين ته بل به وٺنداسين هن ٻڌايو ته سيوهڻ جي اي سي (واپڊا) عبدالستار ميمڻ کي هڪ مهيني اندر 20 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچائڻ تي هن اڄ ئي هن کي معطل ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جتي جتي بجلي چوري ڪرائي پئي وڃي ان ۾ بنا شڪ جي حيسڪو ۽ سيپڪو جو عملو ملوث آهي انهن خلاف ڪارروائيون جاري آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ کي مفاهمتي ڳالهين تحت حيسڪو کي 8 ارب رپيا ۽ سيپڪو کي 4 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن پر اهي نه پيا ڏنا وڃن. هن چيو ته حڪومت چين جي سهڪار سان بجلي جا نوان منصوبا شروع ڪري رهي آهي. بهاولپور ۾ پنجاب حڪومت شمسي توانائي سان بجلي پيدا ڪرڻ وارو منصوبو شروع ڪيو آهي. اهڙي ريت سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ به شمسي توانائي ۽ ونڊ پاور وارا منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ هنن هڪ معاهدي تي صحيح ڪئي آهي جنهن تحت ٿر جي ڪوئلي مان 660 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي. عابد شير علي چيو آهي ته 2015ع ملڪ ۾ چونڊن نه پر پي ٽي انٽرا اليڪشن جو سال آهي، مسلم ليگ (ن) جي مينڊيٽ جي توهين برداشت نه ڪئي ويندي. اسان تي ڌانڌلين جو الزام هڻندڙ ٻڌائين ته ڪنٽونمينٽ چونڊن ۾ عوام هنن کي ڇو رد ڪري ڇڏيو. عمران خان سان هٿ ملائڻ گناهه سمجهان ٿو هو لڳاتار ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ۽ توهين عدالت جو مرتڪب پڻ آهي چيف جسٽس آف پاڪستان کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي سنڌ جي نئين گورنر بابت اختيار وزيراعظم کي آهي. ذوالفقار مرزا جو معاملو سنڌ حڪومت سان آهي ان تي تبصرو نه ڪندس. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي اسيمبلي ميمبرن اڄ پنهنجي حق لاءِ پارليامينٽ آڏو احتجاج ڪيو آهي جڏهن ته پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف اهو معاملو حل ڪري ڇڏيو آهي پر جيڪڏهن صوبن بجلي جون بقايائون جمع نه ڪرايون ته اسين به احتجاج جو حق رکون ٿا. هن چيو ته سعد رفيق ڪا ڌانڌلي ناهي ڪئي ۽ نه اهڙو ڪو فيصلو ان خلاف آيو آهي. اعليٰ عدالت هن جي ميمبر شپ بحال ڪري ڇڏي آهي جيڪي ماڻهون ڌانڌلين جو گوڙ ڪري رهيا آهن انهن جو پنهنجو ڪو مينڊيٽ ناهي اسان تي ڌانڌلين جو الزام هڻندڙ ٻڌائين ته ڪنٽونمينٽ چونڊن ۾ عوام هنن کي ڇو رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان سان گڏ عوام هجي هان ته پشاور ۾ هن جي کٽيل سيٽ تي غلام احمد بلور ڪاميابي نه ماڻي هان. هن چيو ته 2015 ملڪ ۾ چونڊن نه پر تحريڪ انصاف جي تنظيمي چونڊن جو سال ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته هو عمران خان سان هٿ ملائڻ گناهه سمجهان ٿو هو لڳاتار ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي هن چيو ته روز نوان ڊراما ٺاهيا ٿا وڃن چيف جسٽس آف پاڪستان کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ جي نئين گورنر بابت اختيار وزيراعظم کي آهي جڏهن ته ذوالفقار مرزا جو معاملو سنڌ حڪومت سان آهي ان تي تبصرو نه ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *