ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 53 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، 4 هزار 40 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وگهي وڌيڪ 53 ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا 4 هزار 40 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن گذريل 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ۾ ڪرونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 7.54 سيڪڙو هئي اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل ڏينهن ملڪ ۾ 53 هزار 528 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 4 هزار 40 ماڻهن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي ملڪ ۾ ڪرونا جي جملي ڪيسن جو انگ 10 لک 71 هزار 620 ٿي ويو جڏهن ته ڪرونا وگهي فوتگين جو انگ 23 هزار 918 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪرونا جي ڪيسن جو انگ 4 لک 400، خيبرپختونخواه ۾ هڪ لک 48 هزار 619، پنجاب ۾ 3 لک 64 هزار 680 ٿي ويو آهي اسلام آباد ۾ ڪرونا ڪيسن جو انگ 90 هزار 660، بلوچستان ۾ 31 هزار 177، آزاد ڪشمير ۾ 27 هزار 228، ۽ گلگت بلتستان ۾ 8 هزار 696 ٿي ويو آهي ڪرونا وگهي سڀ کان گهڻيون فوتگيون پنجاب ۾ ٿيون آهن جتي 11 هزار 201 ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن. سنڌ ۾ 6 هزار 215، خيبرپختونخواه ۾ 4 هزار 556، اسلام آباد ۾ 816، گلگت بلتستان ۾ 153، بلوچستان ۾ 331 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 646 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *