افغان امن عمل ۾ اهم اسٽيڪ هولڊر آهيون، افغانستان ۾ امن جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون. اسلام آباد ۾ نيوز بريفنگ دوران شاهه محمود قريشي چيو ته اسان افغان امن عمل ۾ اهم اسٽيڪ هولڊر آهيون، پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن جو خواهشمند آهي، دوحا ۾ ٿيندڙ امن معاملي ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي، 6 آگسٽ تي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ افغانستان بابت بريفنگ ٿي پر ان ۾ پاڪستان کي شرڪت جو موقعو نه ڏنو ويو. هن چيو ته ڀارت ان مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي صدارت جي ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام رهيو، افغانستان بابت بريفنگ لاءِ ڀارت سان سيڪيورٽي ڪائونسل صدر طور رابطو ڪيو پر هاڪاري ردعمل نه ڏنو ويو، ڀارت اسان جي درخواست کي قبول نه ڪيو، ڀارت جو سلامتي ڪائونسل صدر طور اهڙيو رويو نٿو ٺهي. سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ اسان جو مقصد آمريڪا ۽ عالمي برادري جهڙو آهي، پاڪستان، آمريڪا ۽ عالمي برادري ان معاملي تي هڪ پيج تي آهن، اهي جيڪو چاهين ٿا، اسان به اهو ئي ٿا چاهيون، افغانستان جي سياسي حل جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، افغان مسئلي تي وزيراعظم جي موقف جي دنيا آجيان ڪئي، اسان جو ڪردار مدد جو آهي ضامن جو نه، امن قائم ٿيڻ جي ضمانت نٿا ڏئي سگهون. شاهه محمود قريشي چيو ته هڪٻئي تي الزامن بدران امن لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، سلامتي ڪائونسل اجلاس ۾ افغان نمائندي پاڪستان خلاف بي بنياد الزام هنيا، اسان انهن الزامن کي رد ڪيون ٿا، اسان افغان فورسز جي ناڪامين جا ذميوار ناهيون، جڏهن توهان افغانستان مان نڪري رهيا آهيو ته اتي خال نه ڇڏيو، ان خال جو سڌي ريت فائدو دهشتگرد تنظيمون کڻنديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *