ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي سازش پئي ٿئي، جمهوريت بچائڻ چاهيون ٿا: آصف علي زرداري

لاهور(بيورو) پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هو جمهوريت جا محافظ آهن،ڪنهن به سازش جو حصو نه بڻجندا،تڪڙ ڪندڙ ٻڌي ڇڏين ته سياست ون ڊي يا ٽي ٽوئنٽي ميچ ناهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته هو جمهوريت کي دشمنن کان بچائڻ چاهين ٿا. پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين جو چوڻ هو ته تڪڙ ڪندڙ ٻڌي ڇڏين ته سياست ون ڊي يا ٽي ٽوئنٽي ناهي پر ،موجوده حالتون ٽيسٽ ميچ جيان آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي کي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جي ڪابه جلدي ناهي موجوده صورتحال ۾ ڪنهن به سازش جو حصو نه ٿو بڻجي سگهي. آصف زرداري جو چوڻ هو ته تيز بالر کي وڪيٽ نه ملندي آهي ته اهو ٿڪجي پوندو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ڏڦير پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،عالمي قوتون پنهنجي مفادن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *