حڪومت کي 16 ڊسمبر کان اڳ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن: سراج الحق

اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت کي 16 ڊسمبر کان اڳ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، جاچ لاءِ ڪنهن اداري کان مدد وٺڻ عدليه جو حق آهي.اسلام آباد ۾ طاهر القادري سان عيادت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته هُو چاهي ته حڪومتکي پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته حڪومت کي سياسي بحران جي خاتمي لاءِ ٻه قدم اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت کي پي ٽي آءِ سان 16 ڊسمبر کان اڳ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، جاچ لاءِ ڪنهن اداري کان مدد وٺڻ سپريم ڪورٽ جو حق آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر طاهر القادري کيس ٻڌايو ته هُو پنهنجو علاج ملڪ جي اسپتال مان ئي ڪرائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *